رُڪمڻي سندر چئناڻي

رُڪمڻي سندر چئناڻي

رُڪمڻي سندر چئناڻي

رُڪمڻي سندر چئناڻي: تعليمدان، ليکڪا، ڪهاڻيڪارِ ۽ شاعرِ رُڪمڻي سندر چئناڻي، 14 جولاءِ 1929ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان پوءِ مائٽن سان گڏ پوني ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جتي استادي پيشي سان واڳجي وئي ۽ هيڊمسٽريس جي عهدي تان ڪجھه سال اڳ رٽائرمينٽ اختيار ڪيائين. رڪمڻي سندر چئناڻيءَ جي تعليم ايم. اي ۽ ايم. ايڊ آهي. ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، پوني ۾ اسپيشل آفيسر رهي چڪي آهي. انٽرنيٽ تي ماهوار رسالو ’پيار‘ به ڪافي عرصي کان ڪڍندي رهي آهي.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هييٺيان شامل آهن:
(1) گيـت پريت جا (1982ع)، (2) احساس (گيت، غزل: 1984ع)، (3) درد جو آواز (ڪهاڻيون: 1985ع)، (4) ست نارائڻ گاٿا (ڪوتائون: 1986ع)، (5) جدايون (غزل: 1987ع)، (6) ماءُ جا پٽ ڏانهن خط (1988ع)، (7) قسم پيار جو (ڪهاڻيون: 1989ع)، (8) سنڌي ناول ۾ ناري (مقالو: 1990ع)، (9) Women in Sindhi Novel (1990ع)، (10) پيار (مضمون: 1991ع)، (11) نيون راهون (غزل، گيت: 1992ع)، (12) مون کي چنڊ کپي (ڪهاڻيون- رهاڻيون: 1993ع)، (13) نيون راهون، نوان راهي (گيت، غزل: 1995ع)، (14) آتـمــا (جـيـوني: 1997ع)، (15) قسمت (ناول: 1998ع)، (16) مَنَ (مضمون: 1999ع)، (17) ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ سنڌي ليکڪائن جو سنڌي ساهت جي جدا جدا صنفن ۾ يوگدان (2000ع)، (18) سنڌيت جو اُپاسڪ ’اُتم‘ (2002ع). ان کان سواءِ ’ڪامل جو ڪلام‘
(ٻن ڪئسٽن ۾: 2001ع).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.07.14  عيسوي

تعليمدان، ليکڪا، ڪهاڻيڪارِ ۽ شاعرِ رُڪمڻي سندر چئناڻي، 14 جولاءِ 1929ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آفتاب ابڙو
چڍڙ رمضان دلدار
عـزيـز ڪـنگـراڻـي
آسانند مامتورا
صاحب سنگهه چندا سنگهه شھاڻي
زيب سنڌي
مختيار سمو
ڌڻي بخش مگسي
عبدالحليم شرر
عبدالرئوف عروج
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون